ڪراچي (شوبز نيوز) پاڪستاني اداڪارا سائرا يوسف جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهي ماڻهن کي گمراهه ڪندڙ شخص  گرفتار ٿي ويو آهي. هڪ خانگي ميڊيا اداري موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم برانچ جوابدار ميان نعيم کي گرفتار ڪيو آهي جنهن جعلي اڪائونٽ ٺاهڻ جو اعتراف ڪيو آهي. ميڊيا رپورٽ موجب سائرا يوسف جي نالي سان اڪائونٽ ڪجهه عرصي کان رياستي ادارن جي خلاف سرگرم هو جڏهن ته جوابدار ٻه هزار اڻويهه ۾ اداڪارا سائرا يوسف جي نالي سان جعلي اڪائونٽ ٺاهيو هو. جوابدارنعيم جو تعلق گوجرانوالا سان آهي.