ڪراچي (ڪلچرل رپورٽ) اي آر  واءِ ڊيجيٽل جي نئين ڊرامه سيريل “پنجرا” جي ڪهاڻي جلد اچي رهي آهي، جنهن جي ڪهاڻي  اڄ ڪلهه جي والدين ۽ انهن جي ٻارن جي چوڌاري گھمي ٿي. ڊرامي “پنجرا” جو هدايتڪار نجف بلگرامي آهي، جڏهن ته ليکڪ اسما نبيل آهي. هي ڊرامو هر خميس جي رات 8 بجي آن ايئر ٿيندو. ان کان سواءِ ٻيو ڊرامو “بيٽيان” به معاشري ۾ ڌيئرن کي ٻوجهه سمجھندڙ ماڻهن جي ڪهاڻي آهي. اسما سياڻي جي لکيل ڊرامي جو هدايتڪار سيم نقوي آهي اهو ڊرامو روزانو رات جو 7 بجي ڏيکاريو ويندو آهي. ٻيو ڊرامو “تقدير” آهي جنهن جي ڪهاڻي نازن سان پليل معصوم نينگري“رومي” جي آهي.  جيڪا مائٽن جي سڀ کاننڍي ڌيءَ آهي، پر قسمت ان کي امتحان ۾ وجهي ڇڏي ٿي، محسن طلعت جي هدايت ۾ هانيا جاويد جي لکيل هن ڊرامي کي خميس تائين رات نائين بجي ڏيکاريو ويندو.