ڪراچي (شوبز نيوز)  فلمي دنيا جي معتبر ايوارڊ “آسڪر” جي پاڪستاني ڪاميٽي هلندڙ سال نومبر ۾ ريليز ٿيندڙ فلم ”جواءِ لينڊ” کي آسڪر لاءِ پرڏيهي فلم جي ڪيٽيگري لاءِ چونڊيو آهي. آسڪر ۾ پرڏيهي ڪيٽيگري جي فلم ۾ جواءِ ليند جو مقابلو ڀارت، برطانيا، چين، جرمني، ڪينيڊا، فرانس ۽ اسرائيل سميت دنيا جي سو کان وڌيڪ ملڪن سان هوندو. پاڪستاني ڪاميٽي هر سال پاڪستان ۾ ريليز ٿيڻ واري هڪ فلم کي ”پرڏيهي“ ڪيٽيگري لاءِ چونڊ ڪري ايوارڊ لاءِ موڪليندي آهي ۽ هن وقت تائين ان ڪيٽيگري ۾ پاڪستان جي ڪا به فلم ناهي چونڊجي. آسڪر طرفان ايوارڊ لاءِ چونڊيلن جو اعلان ايڪويهه ڊسمبر ٻه هزار ٻاويهه ۾ ڪيو ويندو، جنهن کانپوءِ اڪيڊمي چوويهه جنوري تي شارٽ لسٽ ٿيڻ وارين فلمن جو اعلان ڪندي ۽ ٻارنهن مارچ ٻه هزار ٽيويهه تي پنجانوي آسڪر ايوارڊز جي تقريب لاس اينجلس ۾ منعقد ٿيندي.  هلندڙ سال آگسٽ ۾ پاڪستان جي آسڪر ڪاميٽي فلم ٺاهيندڙن کي فلم موڪلڻ جي دعوت ڏني هئي ۽ تازو ڪاميٽيءَ ايوارڊ لاءِ فلم ڊائريڪٽر صائم صادق جي فلم جواءِ لينڊ کي چونڊيو آهي.