واشنگٽن: (دلچسپ نيوز) ظاهري طور تي ته هي ڳالهه سمجهه کان ٻاهر آهي پر شايد آمريڪا جي ڪجهه علائقن جو نظام لاقانونيت سان ڀريل آهي هن وقت اها خبر سامهون آئي آهي ته صرف 9 ڊالر چوري ڪندڙ شخص 25 سالن جي عمر ۾ گرفتار ٿيو هو ۽ هاڻ ان جي عمر 62 سال ٿي وئي آهي پر هو اڃان به جيل اندر آهي.والي سانمنز جو تعلق الابامه سان آهي ۽ رياست جي هڪ ڪاري قانون(بيبيچوئل آفنڊرلا) جو شڪار ٿيندڙ هن شخص مٿان صرف 9 ڊالر چوري ڪرڻ جو الزام آهي. ان جا سمورا تفصيل ٽوئٽر تي شيئر ٿيا ته خبر پئي. ٻئي صورت ۾ والي جي افسوسناڪ ڪهاڻي شايد ئي ڪڏهن سامهون اچي سگهي ها. آمريڪي خبرون ڏيندڙ اداري پنهنجي صحافي هيٿ شيلبرن جي ٽوئٽس شيئر ڪئي آهي جنهن ۾ قيد جي شڪار والي جا تفصيل پڙهي سگهجن ٿا.ٽوئٽ موجب هو 25 سالن جي عمر ۾ قيد ٿيو ۽ 1982ع کان کيس پيرول تي آزادي ناهي ملي سگهي ان تي چوري ٿيل جڳهيون خريد ڪرڻ جو به الزام هو جنهن تي هو پهرين ئي سزا کائي چڪو هو پر والي کي ياد ناهي ته ان جو ڏوهه ڪهڙو آهي پر هن کي ايتري ضرور خبر آهي ته هن کان ايترو خطرناڪ ڏوهه ناهي ٿيو والي موجب مون هڪ شخص جي ٻٽون مان 9 ڊالر چوري ڪيا هئا.والي جي ڀيڻ جي لاڏاڻي کان پوءِ 2005 کان والي سان ڪوبه ملڻ نه ايندو آهي ۽ کيس آمريڪا جي سڀني کان خطرناڪ جيل ۾ رکيو ويو آهي جتي ڏوهه جا عادي مجرم هميشه وڙهندا رهندا آهن جنهن ڪري هن کي جنگلي جيل به چيو ويندو آهي.