لنڊن: (دلچسپ نيوز) هڪ برطانوي ڪمپني اهڙا ڪموڊ تيار ڪري رهي آهي جيڪي ڏسڻ ۾ ظاهري طور تي بي جان آهن پر اهي وقت ضايع ڪندڙ ملازمن جي لاءِ سزا ثابت ٿيندا.اهڙي طرح جي ڪموڊ تيار ڪرڻ جو مقصد آفيس وارن ملازمن کي ٽوائلٽ ۾ وڌيڪ وقت گذارڻ کان روڪڻ آهي ۽ روڪڻ جو طريقو ان ڪموڊ جي ڊيزائن ۾ لڪيل آهي.ڇو ته هي 13 ڊگري تي ٺاهيو ويو آهي ۽ ٺاهڻ واري ڪمپني جي ماهرن جو چوڻ آهي ته ان ڊگري تي ويهندڙ جي ٽنگن جو دٻاءُ وڌي ويندو آهي ۽ 5 منٽن کان وڌيڪ ويهڻ وارن لاءِ اهو تڪليف ڏيندڙ ثابت ٿيندو آهي ۽ اها تڪليف برداشت ڪرڻ کان بهتر اٿي وڃڻ آهي.