آڪلينڊ:(دلچسپ نيوز) آسٽريليا کان نيوزيلينڊ پهچندڙ مسافر جهاز مان خطرناڪ نانگ نڪري آيو جنهن جون تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن.ميڊيا رپورٽ موجب نيوزيلينڊ جي سيڪيورٽي ترجمان جو چوڻ آهي ته برسبين آسٽريليا کان آڪلينڊ ايندڙ اڏام ۾ ڪنهن مسافر ڪاري نانگ کي جهاز جي سامان واري خاني ۾ لڪائي رکيو هو. اڏام دوران نانگ خاني مان ٻاهر نڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.مسافرن جي نظر پئي ته گوڙ شروع ٿي ويو. عملي پائلٽ کي اطلاع ڏني پر جهاز کي لاهڻ جي فيصلي کان اڳ ئي نانگ کي قابو ڪيو ويو جنهن کان پوءِ ان جو مٿو بيلچي سان ڪٽيو ويو.