ڪينيڊا: گهر ۾ باهه لڳڻ سبب 4 ٻارڙن سوڌو 7 پاڪستاني فوت

0
293

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) ڪينيڊا جي صوبي البرٽا جي هڪ گهر ۾ باهه لڳڻ جي نتيجي ۾ 4 ٻارڙن ۽ عورت سوڌو 7 پاڪستاني فوت ٿي ويا، پرڏيهي خابرو اداري موجب البرٽا جي شهر چيسٽر ميئر ۾ جمعي ڏهاڙي لڳل باهه جي واقعي ۾ ڪراچي سان واسطو رکندڙ ٻن خاندان جا 7 ماڻهو فوت ٿي ويا، ميڊيا رپورٽس موجب فوتين مان ٻن ڄڻن جي سڃاڻپ امجد ڪمال ۽ رافعه راشد نالي طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻين ماڻهن ۾ هڪ عورت ۽ 4 ٻارڙا شامل آهن، واقعي ۾ 4 ٻارن سميت 5 ماڻهو محفوظ به رهيا، ڪينيڊي نعملدارن جو چوڻ آهي ته باهه جي واقعي ۾ محفوظ رهندڙن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي ۽ واقعي جي جاچ به شروع ڪئي وئي آهي، پرڏيهي کاتي جي ترجمان زاهد حفيط چوڌري ڪينيڊا ۾ 7 پاڪستانين جي موت تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته شروعاتي جاچ موجب هن واقعي ۾ ڪو به ڏوهاري هٿ ملوث نه آهي، هن چيو آهي ته اسان جون دعائون همدرديون فوتين جي وارثن سان گڏ آهن، حقيقتون ڄاڻڻ لاءِ ڪينيڊين عملدارن سان رابطي ۾آهيون ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاڳو آهيون، جڏهن ته باهه لڳڻ جا ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيا.