ڪراچي(دلچسپ نيوز) ريئل مي طرفان سيريز 8 جا 2 نوان مڊرينج سمارٽ فونز متعارف ڪرايا ويا آهن جن جا نالا ريئل مي 8 ايس 5 جي ۽ ريئل مي 8 آءِ آهن.اهو دنيا جو پهريون فون آهي جنهن ۾ ميڊيا ٽڪ وجو ڊيمينسٽي 810 پراسيسر ڏنو ويو آهي جيڪو 2.4 گيگا هرٽز اسپيڊ سان گڏ اوڪٽا ڪور سي پي يو ۽ هڪ مالي جي 57 جي پي يو سان ليس آهي.ريئل مي 8 ايس ۾ 6 ۽ 8 جي بي ريم ۽ 128 جي بي اسٽوريج جا آپشن موجود آهن جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سپورٽ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.فون ۾ 6.5 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 90 هرٽز ريفريش ريٽ ۽ فل ايڇ ڊي پلس ريزولوشن سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.فون جي بيڪ تي ظاهري طور 4 ڪيمرائن جو سيٽ اپ نظر اچي ٿو پر ان ۾ 3 ڪيمرائون آهن، جڏهن ته چوٿون اي آءِ جو اسٽيڪر آهي.فون جي مين ڪيمرا 64 ميگا پڪسل جي آهي جنهن سان گڏ 2 ميگا پڪسل بليڪ اينڊ وائيٽ (پورٽريٽ شاٽ) ۽ 2 ميگا پڪسل ميڪرو ڪيمرا موجود آهن.اها فون ٻن رنگن ۾ 13 سيپٽمبر کان دستياب هوندي جنهن جي 6 جي بي ريم واري ماڊل جي قيمت 245 ڊالر (41 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) جڏهن ته 8 جي بي ريم وارو فون 270 (45 هزار پاڪستاني رپين کان وڌيڪ) ۾ دستياب هوندو. ريئل مي 8 آءِ ۾ 6.6 انچ جي ايل سي ڊي ڊسپلي 120 هرٽز ريفريش ريٽ سپورٽ سان گڏ ڏني وئي آهي.فون جي اندر ميڊيا ٽيڪ جو هيليو جي 96 پراسيسر موجود آهي جنهن سان گڏ 4 کان 6 جي بي ريم ۽ 64 کان 128 جي بي اسٽوريج ڏني وئي آهي، جنهن ۾ مائڪرو ايس ڊي ڪارڊ سان وڌيڪ واڌ ڪري سگھجي ٿي.ان فون ۾ به 5000 ايم اي ايڇ بيٽري موجود آهي پر فاسٽ چارجنگ سپورٽ 18 واٽ جي آهي.