روھڙي (رپورٽ: نثار چنجڻ) روھڙي ٿاڻي جي حد ۾ اڇيون قبيون واري علائقي ۾ ڪاروڪاري جي الزام هيٺ ڀاءُ غلام حيدر سولنگي پنهنجي سڳي ڀيڻ 22 سالن جي فرزانه کي ڳلو ڪپي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو. اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي مقتولا جو لاش تعلقي اسپتال روهڙي منتقل ڪيو. پوسٽ مارٽم ۽ ضروري قانوني ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. ناريءَ جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. روھڙي پوليس جوابدار غلام حيدر سولنگيءَ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب جوابدار اعتراف ڪندي ٻڌايو ته سندس ڀيڻ جا نوجوان انصار سولنگيءَ سان ناجائز لاڳاپا ھئا، جنهن تان هن کيس قتل ڪيو آهي. معاملي جي جاچ ڪئي پئي وڃي. ھوڏانھن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.