سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سکر ڊويزن ۾ 42 ٽيچرس ڊيوٽين تان غائب، ڊائريڪٽر اسڪولز ڊيوٽيون تان غيرحاضر مرد ۽ عورت ٽيچرس کي فائنل نوٽيس جاري ڪندي ثبوتن سان گڏ جواب داخل ڪرائڻ لاءِ 12 جنوري تي (سڀاڻي) آفيس طلب ڪري ورتو. ان ڏس ۾ حاصل ڪيل ڄاڻ موجب ڊائريڪٽر ايليمنٽري اينڊ سيڪينڊري اسڪول ايجوڪيشن سکر، سکر، خيرپور ۽ گهوٽڪي ضلعن جي 42 غيرحاضر استادن کي آخري وارننگ وارو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسڪول مان ڊيوٽيءَ تان غائب سکر ضلعي جا 18، خيرپور 17 ۽ گهوٽڪي ضلعي ۾ 7 مرد ۽ عورت ٽيچرس کي ڊائريڪٽر اسڪول طرفان 12 جنوري تي ثبوتن سان گڏ پيش ٿي جواب داخل ڪرائڻ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ليٽر ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڊائريڪٽر وٽ پيش ٿي ثبوتن سان گڏ اطمينان جوڳو جواب داخل نه ڪرائيندڙ ٽيچرس خلاف محڪماجاتي ڪارروائي لاءِ اختيارين کي لکيو ويندو. اسڪولن مان ڊيوٽين تان غائب رهندڙ سکر ضلعي جي جونيئر ۽ پرائمري مرد ۽ عورت اسڪول ٽيچرز ۾ شاهد علي شاهاڻي، خادم حسين، فاطمه زهرا ابڙو، فاروق احمد، وقار علي، انجم علي شاهه، صدف لاکو، روزينا شيخ، فرزانه اشفاق، علي احمد، محمد علي، محمد سليمان، روبينا جبين، سائرا باسط، ڪوثر پروين، علي محمد ۽ محمد لائق جا نالا شامل آهن. اهڙي طرح خيرپور ضلعي ۾ ڊيوٽين تان غائب هائر، جونيئر ۽ پرائمري اسڪول ٽيچرس ۾ لال بخش، امدا حسين، منهال انور، منصور آرائين، نائلا سرفراز، شبانا، غلام مصطفيٰ مغل، عروس فاطمه، فريال زهرا، خان محمد، صدوري ڌي نرمل داس، سنيل ڪمار، ڪنول ڪماري، فوزيه، جاويد احمد، اختيار بيگم ۽ افشان شامل آهن. ساڳي ريت گهوٽڪي ضلعي جي اسڪولن مان غير حاضر استادن ۾ غلام مصطفيٰ شاھ، محمد ارشد، حضور بخش کوکر، نبيلا بلوچ، فوزيه مختيار، اسميا ۽ نرگس شامل آهن. هوڏانهن تعليم کاتي جي ذريعن موجب سرڪاري بوائز، گرلز توڙي گڏيل اسڪولن ۾ رشوت عيوض استادن کي ويزا تي موڪلڻ لاءِ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن. ويزا تي ويندڙ ٽيچر کان اسڪول جي هيڊ توڙي ماتحت ڪلاريڪل اسٽاف طرفان ڪيجوئلٽي موڪل واري درخواست لکرائي ورتي ويندي آهي. جيڪڏهن ڪا ٽيم ايندي آهي ته اها ظاهر ڪئي ويندي آهي، نه ته ويزا تي ويل مرد يا عورت استاد جي سندس ساٿي صحي ڪندو آهي يا وري بعد ۾ صحي ورتي ويندي آهي. اهڙي طرح اڌ ڏينهن واري درخواست به استعمال ٿيندي آهي. ذريعن مطابق اهڙي ويزا سسٽم واري عمل ۾ اسڪول جو هيڊ، ڪلاريڪل اسٽاف توڙي تعليم کاتي جا ضلعي عملدار به ملوث هوندا آهن جن کي پنهنجو حصو پهچندو آهي. نتيجي ۾ استادن جي غير حاضري سبب اسڪول ۾ پڙهندڙ شاگردن، شاگردياڻين جي تعليم سخت متاثر ٿي رهي آهي. ان معاملي تي ڊائريڪٽر اسڪول سيڪينڊري اينڊ هائير سيڪينڊري شهاب الدين انڍڙ سان هڪ کان وڌيڪ ڀيرا رابطو ڪري موقف معلوم ڪرڻ لاءِ ڪال ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.