روهڙي (ن پ ا) روهڙي ۾ ريلوي انتظاميان حد دخليون ھٽائڻ لاءِ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، نيويارڊ ڪالوني ڀرسان ناچ گهر وٽ گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪيا ويا، آءِ ڊبليو ۽ ڊي ايس پي ريلوي جي اڳواڻي ۾ ريلوي عملي پاران ھيوي مشينري ذريعي آپريشن شروع ڪري غيرقانوني اڏاوتون ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيون، ٻي
طرف متاثرن پاران الزام هنيو ويو آهي ته ريلوي عملدارن رشوت جي گهر ڪئي ھئي رشوت نه ڏيڻ تي اسان جا دڪان ۽ گهر ڊاٿا پيا وڃن، آپريشن برابري جي بنياد تي نه پيو ڪيو وڃي، متاثرن مطالبو ڪيو ته ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي.