ماتلي (ن پ ا) ٺٽي شهر جي وارڊ نمبر هڪ بخاري محلي جي رهواسين گل زبير کماڻ ۽ رخسار ساٽي ماتلي پهچي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته هنن سٽي ڪورٽ ڪراچيءَ ۾ پسند جي شادي ڪري ڇڏي آهي. اهڙي فيصلن جي مخالفن پاران ملندڙ ڌمڪين سبب دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آهيون. ناري رخسار ساٽي جو چوڻ هو ته والدين سندس شادي هڪ مواليءَ سان ڪرائڻ پئي چاهي، جيڪا ڳالهه مون کي پسند نه هئي. ان ڪري گل زبير کماڻ سان عدالت ۾ نڪاح ڪيو آهي. هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٺٽو کي اپيل ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.