روهڙي واسي نوجوان گهوٽڪي مان مبينا اغوا، 15 لک ڀنگ طلب

0
227

روهڙي (ن پ ا) روهڙي جي بنڊ ٽاري واري علائقي ڳوٺ ڌڻي بخش ڪانڌڙو واسي نوجوان مبينا طور تي اغوا ٿي ويو، جنهن جي وارثن کان 15 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

نوجوان گلزار احمد پٽ مينھل ڪانڌڙو کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا آهن، سندس وارثن جو چوڻ آهي ته گلزار ڪانڌڙو پٿر جي اوساري جو ڪم ڪري مزدوري ڪندو آهي

وارثن موجب گلزار ڪانڌڙو کي ڪنهن فون ڪري پٿر جي اوساري جو ڪم ڪرائڻ لاءِ گهوٽڪي گھرايو ھو، شام جو گلزار جو نمبر بند ٿي ويو، جنهن کان پوءِ رات جو دير سان ان جي نمبر تان ڪال آئي هئي ته اسان گلزار کي اغوا ڪيو آهي ۽ رقم جو بندوبست ڪيو

وارثن جو چوڻ آهي ته پوليس کي اطلاع ڏنو ويو آهي، نمبر بند ٿيڻ جي لوڪيشن گهوٽڪي جي سرحد واري علائقي جي اچي ٿي

نوجوان جي اغوا واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو ۽ گهر ۾ روڄ راڙو متل آهي، جڏهن ته اغوا ٿيل نوجوان جي وارثن کان 15 لک ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي

 

ھي به پڙھندا

سنڌ جو مشهور ملهه پهلوان منير احمد ڊکڻ لاڏاڻو ڪري ويو آهي