لاڙڪاڻو پوليس ڇوٽو گينگ جي چور کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو

0
195

لاڙڪاڻو (ن پ ا) لاڙڪاڻي شهر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم تي ضابطو نه اچي سگهيو، پوليس ڇوٽو گينگ جي ھڪ ڄڻي کي گرفتار ڪرڻ بعد آزاد ڪري ڇڏيو

دڙي ٿاڻي جي حد مان موٽرسائيڪل جي بيٽري چوري ڪندي ڇوٽو گينگ جو ھڪ ڄڻو گرفتار ٿيو، چوري جا سي سي ٽي وي فوٽيج پڻ سامهون آيا، پوليس گرفتار ڪيل 13ورھين جي عامر ڏيٿو کي ڇڏي ڏنو

چوري جي واردات ۾ پڪڙيل عامر ڏيٿو پوليس لائن جي سپاھي ذاڪر ڏيٿو جو پٽ ٻڌايو ويو آهي، ڇوٽو گينگ شھر جي مختلف علائقن ۾ بيٽريون، موبائل فونز، موٽر سميت ٻيو سامان چوري ڪرڻ لڳا

پوليس طرفان اعتراف ڪيو ويو ته ڇوٽو گينگ مختلف سامان چورائي ڪٻاڙي وٽ کپائن ٿا، پوليس ڇوٽو گينگ کي پيدا ڪندڙ ڪٻاڙين جو به پتو نه لڳائي سگهي