روهڙي (ن پ ا) روهڙيءَ کان لوڪوشيڊ ورڪشاپ مال گاڏيءَ جي بوگي کڻي ويندڙ انجڻ روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر ٽي تي پٽڙي تان لهي وئي. لوڪوشيڊ ورڪشاپ مان امدادي ڪرين گهرائي انجڻ کي ٽريڪ تي چاڙهيو ويو. تفصيل موجب سکر کان لوڪوشيڊ ورڪشاپ روهڙي مال بردار ٽرين جي بوگي کڻي ويندڙ انجڻ روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 3 تي پٽڙيءَ تان لهي وئي، جنهن سبب پليٽ فارم نمبر 3 تي مسافر ٽرينن جي اچ وڃ معطل ڪئي وئي ۽ ريلوي انتظاميا لوڪوشيڊ ورڪشاپ روهڙي مان امدادي ڪرين طلب ڪري متاثر انجڻ کي ريسڪيو آپريشن بعد ٽريڪ تي چاڙهيو، بعد ۾ روهڙي اسٽيشن جي پليٽ فارم نمبر 3 تي ٽرينن جي اچ وڃ بحال ڪئي وئي.