ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد غريب آباد محلي ۾ جوابدار پاران مبينا چاقو جو وار ڪري عبدالله ميراڻي جو ڳلو ڪپي وڌو. ان سلسلي ۾ عبدالله ميراڻي جو چوڻ هو ته ڪجهه وقت پهريان هڪ لک برڪت شيخ کي قرض ڏنو هو، واپسي لاءِ برڪت شيخ ڏي ويس ته برڪت شيخ مون تي چاقو سان وار ڪري قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ مان اتان ڀڄي جان بچائي نڪتس.ڊاڪٽرن جو چوڻ هو ته زخمي شخص جي حالت خطري کان ٻاهر آهي.پوليس جو چوڻ هو ته معاملي تي جاچ هلي رهي آهي، پوليس الزام هيٺ آيل جوابدار جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهي آهي.