برسلز(م ڊ) آمريڪا ۽ يورپ روس کي ٻيو  جهٽڪو ڏيندي يورپ جي ٻن ملڪن فنلينڊ ۽ سويڊن کي به نيٽو ۾ شامل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي آمريڪا جي بچاءُ واري وزير به تصدي ڪري ڇڏي آهي. آمريڪي پرڏيهي وزير جارج آسٽن ٻڌايو ته نيٽو ٻن نون اتحادين کي اتحاد جو حصو بڻجڻ تي خوش آمديد چوڻ لاءِ تيار آهي، فنلينڊ ۽ سويڊن اتحاد ۾ شموليت جي درخواست ڏئي تاريخي فيصلو ڪيو اهو نيٽو جي اهميت جو اظهار آهي.