ڪرمپور (ن پ ا) ناپرڪوٽ پوليس عورتاڻي آواز تي هرکجي ڪچي ويندڙ نوجوان کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو. ڪنڌڪوٽ واسي نوجوان زاهد بهراڻي ڪچي جي ڪوٽ شاهو واري علائقي ڏانهن وڃي رهيو هو ته پوليس کيس پڪڙي ورتو.نوجوان سان عورت فون تي ڳالهائيندي هئي جنهن سان ملڻ لاء ڪچي طرف وڃي رهيو هو ته پنجون ميل وٽ پوليس پڪڙي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو  ناپرڪوٽ پوليس نوجوان کي ٿاڻي تي آڻي وارثن کي گهرائي نوجوان کي وارثن حوالي ڪيو.هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي ڳوٺ محمد حسن گولو جو رهواسي رحمت الله گولو عورت جي عشق ۾ هرکجي اغوا ٿي ويو. رحمت الله گولو سندس دوست جيئل گولو عورت سان ملڻ لاءِ پهتا ته هٿياربند رحمت الله کي اغوا ڪري ويا.  جيئل گولو ٻڌايو ته ڳوٺ کان موٽرسائيڪل تي آياسين شيرمحمد لاڙي وٽ پهتاسين ته موٽرسائيڪل سوار 3 هٿياربند رحمت الله کي کڻي ويا مان ڀڄي جان بچائي . ڪرمپور پوليس واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان کان تفصيل ورتا.  ڪرمپور پوليس ٻڌايو ته نوجوان جتان هرکجي اغوا ٿيو، اها ٺل جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد آهي، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا ٻئي طرف رابطو ڪرڻ تي ٺل بي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته اسان جي حد ناهي، نوجوان ڪرمپور مگسي روڊ تان اغوا ٿيو آهي حد ڪرمپور ٿاڻي جي آهي.