اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ڊپٽي اسپيڪر ۽ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ قاسم خان سوري فوج جي نيوٽرل رهن واري فيصلي تي تنقيد ڪندي پاڪستان جي ميزائيل ٽيڪنالاجي تي خدشن جو اظهار ڪندي انهن کي چڪاسڻ جي صلاح ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيت ۾ هن چيو ته شاهين، غوري، غزنوي، ابدالي ۽ نصر کي به هڪ ڀيرو چيڪ ڪري وٺجي ته ڪٿي وقت اچڻ تي اهي به نيوٽرل نه ٿي وڃن.