ماسڪو (م ڊ) روس ۾ بحريا جي ڏهاڙي جي تقريب تي جاري ڪيل نئين ”نيول ڊاڪٽرائن“ جي مسودي ۾ آمريڪا  کي روس لاءِ سڀ کان وڏو خطرو قرار ڏنو ويو آهي. نئين نيول ڊاڪٽرائن موجب آرڪٽڪ اوشيئن ۽ بليڪ سي سميت عالمي سمنڊن تي آمريڪا طرفان پنهنجو قبضو قائم ڪرڻ جي حڪمت عملي ۽ نيٽو اتحادي فوجن جي روسي سرحدن ڀرسان چرپر آمريڪا کي روس لاءِ سڀ کان وڏو خطرو بڻائي ڇڏي ٿي. تقريب کي پنهنجي مختصر خطاب ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن چيو ته جلد زرڪون هائپر سونڪ ڪروز ميزائل روسي بحريا جو حصو بڻايا ويندا، جيڪو ان ڳالهه ڏانهن اشارو آهي ته روسي فوج ڪنهن به ٻاهرئين حملي کي ناڪام بڻائڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.