اسلام آباد: وفاقي ڪابينا روسي ڪورونا ويڪسين جي ٻن ويڪسينن جي ريٽيل قيمت 8449 رپيا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، اسپوتنڪ جي ويڪسين جي ريٽيل جي قيمت 8 هزار 449 رپيا مقرر ڪئي وئي. جڏهن ته وفاقي ڪابينا پاڪستان ۽ سعودي وچ ۾ تعاون جو معاهدو ڪرڻ جي به منظوري ڏني ، وفاقي ڪابينا پاران ڪورونا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ سول انتظاميا جي مدد لاءِ فوج جي مقرري جي به منطوري ڏني آهي.