حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ڪورونا ايس او پي تي عمل ڪرائڻ لاءِ پاڪ فوج سان گڏ سمورا ادارا سرگرم ٿي ويا آهن. قاسم آباد ۽ سٽي واري تعلقي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي عملدارن پوليس سان گڏجي ايس او پيز جي خلاف ورزي ڪندڙ دڪاندارن ۽ واپارين خلاف ڪارروائي ڪري هڪ شوروم، هڪ هوٽل سميت 10 دڪان سيل ڪري هوٽل مالڪ ۽ ٽن گرهاڪن کي گرفتار ڪيو ويو. پاڪ فوج شام ڌاري رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي لطيف آباد، قاسم آباد ۽ سٽي وارن علائقن ۾ فليگ مارچ ڪيو. مارچ بعد فيصلو ڪيو ويو ته ايس او پيز تي عمل نه ڪندڙ واپارين خلاف ڪارروايون شروع ڪيون وڃن. ان ڏس ۾ قاسم آباد جي اسسٽنٽ ڪمشنر جي سربراهي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن واڌو واهه روڊ تي هڪ ڪار شوروم، هڪ هوٽل ۽ 2 دڪان سيل ڪري چئن ڄڻن کي تحويل ۾ ورتو جڏهن ته ڪارروائي دوران ڪجهه دڪاندارن کان هزارين رپيا ڏنڊ پڻ وصول ڪيو ويو. بعد ۾ گرفتار ٿيل هوٽل مالڪ محمد يار پٺاڻ، گرهاڪن دانيال يوسفزئي، محمد وقار، طحه جروار تي ڪورونا ايس او پيز جي ڀڃڪڙي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. هوڏانهن سٽي تعلقي ۾ ڪلاٿ مارڪيٽ وٽ 3 ۽ فقير جي پڙ ۾ پڻ ٽن دڪانن کي سيل ڪيو ويو آهي. ان کان اڳ پاڪ فوج جي جٿي رينجرز ۽ پوليس سان گڏجي فليگ مارچ ڪيو. لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ فليگ مارچ ڪرڻ بعد آٽو ڀان روڊ کان ٿيندو فليگ مارچ قاسم آباد ۾ داخل ٿيو جتان پڻ گشت بعد پاڪ فوج جا جوان قافلي جي صورت ۾ سٽي جي مختلف علائقن ۾ به گشت ڪندا رهيا. قاسم آباد ۽ لطيف آباد جي مختلف علائقن ۾ 3 ڏينهن به سمارٽ لاڪ ڊائون سبب 18 علائقا بند رهيا جتي پڻ پوليس سان گڏ رينجرز پهچي بنا جواز ٻاهر گهمندڙ شهرين کي گهرن ڏانهن واپس موڪليو جڏهن ته غير ضروري واپار وڻج جو ڪاروبار ڪندڙ واپارين جا دڪان پڻ بند ڪرائي کين تنبيهه ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجو ڪاروبار نه کولين ٻي صورت ۾ سندن خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي.