رنگ روڊ انڪوائري: ڊي سي اٽڪ ۽ پنڊي سوڌو ٻيا آفيسر عهدن مان فارغ

0
254

راولپنڊي (ڊيسڪ رپورٽ) راولپنڊي جي رنگ روڊ اسڪينڊل جي انڪوائري مڪمل ٿيڻ بعد ڊپٽي ڪمشنر پنڊي محمد انوار الحق ۽ ڊي سي اٽڪ سوڌو ٻين آفيسرن کي عهدن تان هٽايو ويو آهي، جاچ دوران هي ڳالهه سامهون آئي آهي ته رنگ روڊ جي اصل نقشي کي تبديل ڪيو ويو ۽ هن ۾ وڌيڪ نئون رستو شامل ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب انهن رستن جي چونڊ اهم شخصيتن کي فائدو پهچائڻ لاءِ ڪئي وئي، جن جون زميون هن رستي تي اچن پيون جڏهن ته نئون رست شامل ڪرڻ تي لاڳت ۾ وڌيڪ 25 ارب روپيا اضافو ٿي رهيو هو، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان جي علم ۾ هي مامرو اچڻ تي رنگ روڊ جو منصوبو روڪرائي انڪوائري جي هدايت ڪئي هئي. ذريعن موجب رنگ روڊ جو مامرو سامهون اچڻ تي ڪمشنر پندي رٽائرڊ رٽائرڊ ڪيپٽن محمد محمود کي پهرين ئي تبديل ڪيو ويو هو جنهن کان وزيراعظم عمران خان ان کان به پاڻ معلومات ورتي هئي. ٻئي طرف ڊي سي چڪوال کي ڊي سي رالپنڊي، ۽ ايڊيشنل ڪمشنر روينو اٽڪ شهريار عارف خان کي ڊي سي اٽڪ جو اضافي چارج ڏنو ويو آهي.