فيض گنج ۾ ساھرن تشدد ڪري ٻن ٻارن جي امڙ کي گھران ڪڍي ڇڏيو

0
252

فيض گنج (ن پ ا) فيض گنج ۾ مبينه طور تي ٻن ٻارن جي ماءُ گلشاد شر کي ساهرن تشدد ڪري گهران ڪڍي ڇڏيو، متاثر عورت پيءُ غلام قمبر شر سان گڏجي پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو، گلشاد شر جو چوڻ ھو تھ ساهرن تشدد ڪرڻ بعد ڪتن سان گڏ ٻڌي ڇڏيو، انصاف ڪيو وڃي.