ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي طرفان اڳڪٿي ڪئي وئي آهي ته رمضان المبارڪ جو چنڊ 22 مارچ 29 شعبان تي نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي. ملڪ ۾ هڪ ڏينهن روزي لاءِ مذهبي معاملن واري وزارت اهم قدم کڻندي رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسڻ لاءِ ڪاميٽي جو اجلاس پشاور ۾ طلب ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 22 مارچ 29 شعبان المعظم تي رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻ جو چٽو امڪان آهي، رمضان جي چنڊ جي پيدائش 21 مارچ جي رات 10 وڳي 23 منٽن تي ٿيندي.