گولاڙچي (ن پ ا) ڪراچي جي علائقي ملير واسي چوويھ سالا نوجوان اندر پٽ اختر مري عورتاڻي آواز تي ھرکجي ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ پھتو، جتان کيس ڌاڙيل اغوا ڪري ويا. ڌاڙيلن مغوي نوجوان ذريعي مغوي جي وارثن سان رابطو ڪري چاليھ لک ڀنگ طلب ڪيو آھي ، جنھن کانپو وارث پريشان آھن، مغوي جي پي اختر ۽ ڀاء شھمت مري صحافين کي ٻڌايو ته اسان جي نوجوان کي عورتاڻي آواز تي ھرکائي اغوا ڪيو آھي ، اسان غريب ماڻھو آھيون، پيٽ گذر خاطر بلوچستان کان ڪراچي مزدوري ڪرڻ آيا آھن، اسان وٽ ڀنگ جا چاليھ لک ناھن، ھنن چيو ته اسين ڌاڙيلن کي اپيل ٿا ڪريون ته اسان غريب پورھيتن تي رحم ڪري نوجوان کي آزاد ڪيو وڃي.