رشوت ۽ ڪرپشن جو ڪينسر

0
350

هر باخبر ماڻهو کي معلوم آهي ته پنهنجي پياري پاڪستان کان ڪنهن دور ۾ متحده عرب امارات ٻه هوائي جهاز ۽ پائلٽ اڌارا وٺي پنهنجي ايئر لائين ايمرٽس (الامارات) جو آغاز ڪيو هو. هينئر اها ايئر لائين نه رڳو دنيا جي پهرئين جوڙ جي ايئرلائين آهي پر ان کانپوءِ هنن خليج ۽ اتحاد جهڙيون ايئر لائين به ڪاميابي سان هلايون آهن. ڪڏهن ته پاڪستان ايئر لائين به دنيا جي بهترين ايئر لائين ۾ شمار ٿيندي هئي پر هن وقت ان ايئر لائين، ريلوي لائين، اسٽيل مل، آبپاشي نظام، لوڪل ڪائونسل سميت سمورن سرڪاري ۽ نيم سرڪاري ادارن جي حالت رحم جوڳي آهي. انگريز سرڪار پاران ڪاميابي سان هلندڙ ادارا پياري پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو پوءِ تنزل پذير ٿيندي ٿيندي هنيئر زبون حالي جو شڪار آهن. اسان جو ملڪ جيڪو قدرت جي سمورين نعمتن سان نوازيل آهي ۽ هڪ وقت ئي ٻارنهن زونن جي خصوصيت جو حامل آهي ان کي رشوت ۽ ڪرپشن جي ڪينسر جنجهوڙي بي حال ۽ بي جان ڪري ڇڏيو آهي. هر وقت ماڻهو سوچي رهيا آهن ته اسان جي ٻارن جي مستقبل جو ڇا ٿيندو. ياد رهي شروع شروع ۾ ڪوريا به پاڪستان جي پنج سالن جي پروگرام تي عمل ڪري اڄ ترقي يافته ملڪن ۾ شمار ٿئي ٿو. ڪيترا ملڪ آهن جن کي پاڪستان کانپوءِ آزادي جي نعمت حاصل ٿي. اڄ اسان انهن ننڍن ننڍن ملڪن وٽ به گروي ٿيل آهيون. ڪڏهن ته اسان اسلامي عالمي ڪانفرنس ڪوٺائي، انڊونيشيا کان لبيا تائين ان وقت جي عظيم اڳواڻن جي قيادت ڪئي ته هينئر اسان کي اسان جي ڪراچي کان به ننڍڙا ملڪ دڙڪا دهمان ڏئي رهيا آهن.
ڪڏهن ايئن هياس جو پنهون ڌوتم ڪپڙا
هينئر ايئن ٿياس، جو جت نه نين پاڻ سين (شاهه)
آءِ ايم ايف، ورلڊ بئنڪ، ايشين بئنڪ ۽ پاڙيسري شاهوڪار ملڪن وٽ پاڪستان مقروض ٿي ان قرضدار وانگر بيوس ۽ ويسلو آهي جنهن کي قرض ڏيندڙ روزانو ٿاڻي ڀيڙو ڪندا آهن. وزيراعظم عمران خان جي چواڻي ته هو وڏن مگر مڇن ۽ نالي چڙهيل مافيا جو شڪاري آهي جن ڪرپشن جي ذريعي ملڪ جي دولت لٽي، ٻاهرين ملڪن ۾ پنهنجون قيمتي جائدادون ٺاهيون آهن. مخالف ڌر جي اڳواڻن جي وڏي اڪثريت سندس عتاب هيٺ آهي. پوين ٽن سالن کان ٻڌ ڇوڙ جو سلسلو جاري آهي. مگر اڃان تائين ڪنهن به سياسي مهري کان ڪجهه وصولي ٿي نه سگهي آهي. ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته هن هڪ طرفي احتساب جا نتيجا به سياسي لڙائي کانسواءِ ڪجهه نظر نٿا اچن. ڪجهه شاطر سياستدان هوا جو رخ ڏسي حڪومتي اتحاد جو حصو ٿي پاڪ صاف ٿي چڪا آهن. دوائن، پيٽرول، کنڊ، اٽي،
جهڙا اسڪينڊل حڪومتي گرفت کان ٻاهر آهن ان ڪري مافيا جو هڪ حصو احتساب جي نالي ۾ صعوبتون برداشت ڪري رهيو آهي ته مافيا جو ٻيو حصو پنهنجي لٽ مار وارين ڪاررواين ۾ حفاظتي ڇٽي هيٺ ڪاميابي سان ڪم ڪري رهيو آهي. دراصل هن حصي کي هٿ لائڻ سان حڪومت خطري جو شڪار ٿي ويندي. بهر حال عمران خان کي هن ملڪ دشمن مافيا سان گڏوگڏ ملڪ اندر وڌندڙ رشوت ۽ ڪرپشن جي ڪينسر جو به علاج ڳولڻ گهرجي جنهن هن خوشحال ملڪ کي سدائين لاءِ مريض ڪري ڇڏيو آهي. هن وقت ڪو به اهڙو سرڪاري يا نيم سرڪاري ادارو نه رهيو آهي جتي ڪرپشن ۽ رشوت جا ڪلور نه ٿيندا هجن. وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون هر سال بجيٽ ۾ وڏيون وڏيون رقمون ملڪ ۽ قوم جي فلاح و بهبود ۽ ترقي، تعمير لاءِ رکن ٿيون پر ياد رهي ته انهن رقمن جو اڌ کان به گهڻو حصو واسطيدار عملدارن جي خورد برد جو نشانو ٿي وڃي ٿو ان ڪري ڪو به حڪومتي پروجيڪٽ يا منصوبو وقت تي پوري طرح ٺهي راس نٿو ٿئي. جيڪڏهن ملڪي ڪرپشن ۽ رشوت جي وڏن واڳن کي ڇڏي رڳو سورهين ۽ سترهين گريڊ جي آفيسرن جي ڳالهه ڪجي ته اهي به پنهنجي شروعاتي ٽن سالن جي نوڪري ۾ ڪروڙن جي ملڪيت جا مالڪ ٿي وڃن ٿا سب رجسٽرار ٻارهين گريڊ جو سرڪاري ملازم آهي. اهو به ڏهه پندرنهن لک روپيا روزانو ڪمائي ٿو. رشوت جو ڪاروبار  ايترو ته عروج تي آهي جو ڪنهن جو جائز ڪم به رشوت ڏيڻ کانسواءِ نٿو ٿي سگهي. اهڙي طرح پوري ملڪ ۾ روزانو جي حساب سان رڳو رشوت جي ڏيتي ليتي سوين ڪروڙين روپين جو ٿئي ٿي جنهن ۾ بي پهچ عوام سان عملدارن جي لٽ مار جاري آهي.
ٻئي طرف ڪرپشن جي ڪري وري سمورا ترقياتي ۽ فلاحي منصوبا ناقص، ناپائيدار ۽ دير سان ٺهن ٿا جنهن ڪري وري اضافي فنڊ جاري ڪري ڪرپشن جي ڪاروبار کي جيئرو رکيو وڃي ٿو. جهڙي طرح اڏوهي يا سُرو ڪاٺي کي اندران اندران کائي کوکلو ڪري ڇڏيندو آهي. اهڙي طرح رشوت ۽ ڪرپشن هن ملڪ کي تباهي تي پهچائي ڇڏيو آهي.
هاڻي اهڙي ماڻهو جي ضرورت آهي جيڪو سرڪاري ۽ غير سرڪاري عملدارن کي چوي ته جنهن به اهلڪار وٽ سندس جائز آمدني کان علاوه آهي اهو پاڻمرادو اها غير جائز ۽ غيرقانوني طريقي سان حاصل ڪيل سموري رقم ۽ ملڪيت کي سرڪاري خزاني ۾ جمع ڪرائي. ٻي صورت ۾ نه رڳو سندس ناجائز ملڪيت ضبط ڪئي ويندي پر کيس عمر قيد يا موت جي سزا جو منهن به ڏسڻو پوندو. اهڙي طرح ڪارخانيدار، واپاري، زميندار ناجائز طور ملڪ لٽيندڙن جو به احتساب ڪيو وڃي. مون کي چڱي طرح ياد آهي 1950ع کان 1980ع تائين ڪو ڪو آفيسر رشوت وٺندو هو. سو به لڪي لڪي، جيترا به پئسا ملندا هئس ته خاموشي سان وٺي ڇڏيندو هو. اهڙو آفيسر ان دور ۾ عوام جي نظرن ۾ ڏاڍو خراب لڳندو هو پر هينئر رشوت وٺڻ ۽ سرڪاري رقم ۾ خرد برد ڪرڻ، غنڊا ٽيڪس طور ظاهر ظهوروٺڻ کي خراب نه ٿو سمجهيو وڃي. ٽريفڪ پوليس روڊن تي عوام ۽ حڪمرانن جي اکين آڏو وصولي ۾ مصروف آهي. ٿاڻا، ڪچهريون، آفيسون ڪسٽم ايڪسائيز، انڪم ٽيڪس، تعليم، صحت، آبپاشي، اطلاعات کاتو مطلب ته هر هنڌ هر وقت رشوت ۽ ڪرپشن جو ويل متل آهي. اندازو لڳايو ته عوام کان روزانو رشوت طور ڪيترو پئسو ورتو ويندو هوندو جنهن جي ڪري ناجائز ڪمن ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
اهڙي طرح ملڪ ۽ قوم جو اجتماعي پئسو عملدارن جي ڪرپشن ڪري قومي ترقي ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي. وزيراعظم کي ملڪ جي وڏي مافيا کي بغير ڪنهن رک رکاءُ ۽ پنهنجي پرائي جي فرق ڪرڻ سمورا ۽ انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ سان گڏ ملڪ اندر عوام ۽ قومي سرمائي کي لٽيندڙ لکن جي تعدا ۾ عملدارن جو به احتساب ڪرڻ گهرجي. ان ڏس ۾ نهايت غير جانبدار، ايماندار، خدا ترس ماڻهو چونڊي انهن کي تعلقي سطح تائين مقرر ڪري اهڙن عملدارن منافع خورن بليڪ ميلرن اسمگلرن جي ملڪيت جي ڳولا ڪجي جن ناجائز طريقي رشوت يا ڪرپشن ذريعي دولت پنهنجي يا پنهنجي رشتيدار دوستن نوڪرن جي نالي گڏ ڪئي آهي، پرانهي ڪم لاءِ مقرر ماڻهو حڪومتي پارٽي مان نه هجن . ياد رهي ته رشوت خور ڪرپٽ عملدار ۽ ناجائز منافع خور اسمگلر بليڪ ميلر ڪنهن چور يا ڌاڙيل کان گهٽ ته نه آهن. هو حرام جو پئسو ڪمائي ٻچن کي حرام کارائين ٿا. اهڙي حرام جي پئسي تي پلجڻ وارا اهو نٿا سوچين ته حرام پيٽ ۾ وجهي روزا، نمازون، حج ،زڪوات، خير خيرات ڪهڙي ڪم جا آهن. يقين ڪريو ته اهڙي عادل حڪمران جي الله طرفان ضرور غيبي مدد ٿيندي جيڪو پنهنجي ڀاءُ يا پٽ کي به انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ کان نه ڪيٻائيندو. باقي جيڪو مصلحتن ۽ ذاتي مفادن جو شڪار هوندو اهو ڪڏهن به پائيدار ڪاميابي ۽ نيڪ نامي حاصل نه ڪري سگهندو.
غلامي مين نه ڪام آتي هين شمشيرين نه تدبيرين
جو هو ذوق- يقين پيدا تو ڪٽ جاتي هين زنجيرين
ڪوئي اندازه ڪرسڪتا هي، اس ڪي زور، بازو ڪا
نگاهه، مرد مومن سي بدل جاتي هين تقديرين