سنڌ صوبي جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سنڌي وڌي ويا

0
1033

سنڌ ۾ ماڻهو ڳڻپ جو هونئن ته ڪو گهڻو مسئلو رهيو ناهي پر جڏهن ورهاڱي کانپوءِ سنڌ اندر لساني سياست جو ٻج ڇٽيو ويو ته ان کانپوءِ قوميت جي بنياد تي ڳڻپ جي اهميت وڌي وئي جو ان سان سياسي طور طاقت جي توازن کي طئه ڪرڻ جو بيانيو سامهون آيو. شهري ۽ ڳوٺاڻي سنڌ جو بيانيو به سياسي رخ ۾ لساني ڳڻپ جي بنياد تي هڪ بيانيي طور زور وٺي ويو. خاص ڪري شهري سياست ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه ۽ ميرپور خاص ۾ لسانيت جي حوالي سان سياسي توڙي معاشي معاملا سلهاڙجي ويا ۽ لسانيت جي بنياد تي انهن شهرن ۾ مالڪي جون دعوائون اچي ويون.
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ان جي شدت وڌي وئي جو مهاجر جي نالي تي اردو ڳالهائيندڙن کي اهڙي لساني سياست ۾ ڌڪيو ويو. جنهن جو ٻج ته ويهين صديءَ جي پنجاهه واري ڏهاڪي ۾ ڇٽجي چڪو هو ۽ اهڙي سياست بابت سنڌ جا ماڻهو ڀلي ڀت ڄاڻ رکندڙ آهن. ملڪ ۾ هونئن ته طئه اهو ٿيو هو ته هر ڏهن سالن بعد آدمشماري ٿيندي. پهرين آدمشاري 1951ع ۾ ٿي، ٻي آدمشماري ٽيهن سالن بعد 1981ع ۾ ٿي جنهن بعد ٽين ڳڻپ 1992ع ۾ ٿي جيڪا تڪراري هئڻ سبب رد ٿي ۽ ٽين آدمشماري وري نيٺ وڃي 1998ع ۾ ٿي يعني 17 سالن بعد، تڪرار ان تي به پيدا ٿيو. سنڌ ۾ سنڌين پاران شديد تحفظات ظاهر ڪيا ويا. پر نيٺ اها منظور ٿي ۽ اين ايف سي توڙي چونڊن جا وهنوار ان جي بنياد تي هلندا رهيا.
انهي آدمشماري بعد وري اڻويهن سالن کانپوءِآدمشماري 2017ع ۾ ٿي. جنهن جي حتمي منظور 2021ع جي مئي مهيني ۾ وڃي ڏني وئي. ان دوران ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جا تحفظات هئا ته اردو ڳالهائيندڙن کي گهٽ ڳڻيو ويو آهي. هن ڀيري پ پ به ساڻن اعتراضن ۾ اڻ سڌي طرح سهمت نظر آئي. مون اڳ به ڊيٽا سان لکيو هو ته سنڌ ۾ ڳڻپ گهٽ ٿي آهي. پر پوءِ به جڏهن 2017ع جا نتيجا سامهون ڏسجن ٿا ته سبب ڪهڙا به هجن انهن ۾ ڪجهه انگ ڳڻپ کان رهجي وڃڻ باوجود به سنڌين جي نه رڳو مجموعي آبادي جي سيڪڙي ۾ واڌارو آيو آهي ان سان گڏ شهري آبادي ۾ به وڌيڪ انگ نظر ۾ اچي ٿو.
12 اپريل 2021ع تي ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي گڏجاڻي ۾ 2017ع جي ڳڻپ جي منظوري آئي ان موجب مثال طور پاڻ هتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي پنجن آدمشمارين جي انگن اکرن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪيون ٿا، ڇو ته سياسي معيشت ۾ هي شهر سنڌ جي ساهه واري حيثيت رکندڙ آهي. انگريزن جي دور جي آخري ڳڻپ 1941ع ۾ ٿي هئي جنهن ۾ ڪراچي اندر سنڌي 61.2 سيڪڙو رهندڙ هئا. پاڪستان ٺهڻ بعد 1951ع ۾ جيڪا پهرين آدمشماري ٿي ان ۾ سنڌي 14.3 سيڪڙو ڳڻپ ۾ آيا. سنڌين جي تعداد گهٽجڻ جو سبب لڏپلاڻ هو. سنڌ جي هندو آبادي جو وڏو انگ لڏي ويو.
هندستان مان ٿيل لڏپلاڻ جو وڏو انگ ڪراچي ۾ اچي رهيو. مٿان وري شهر ۾ مک بيوروڪريسي غير سنڌي هئي. ڪراچي ملڪ جو گادي وارو شهر بڻايو ويو هو ان ڪري سنڌين جي سياسي اهميت گهٽجي وئي هئي. 1970ع واري ڏهاڪي ۾ لساني بنيادن تي جهيڙا توڙي سياست خوني بڻجڻ لڳي. مٿان وري مارشلا جو لڳي ۽ 1981ع ۾ آدمشماري جو ڪرائي وئي ته ڪراچي ۾ سنڌين جو تعداد 6.2 سيڪڙو ڄاڻايو ويو. ان مارشلائي دور کان ڪراچي ۾ لسانيت جي سياست عروج تي وڃي پهتي. سنڌين جي ڪراچي ۾ موجودگي هوندي به جڏهن سترنهن سالن بعد 1998ع ۾ ڳڻپ ٿي ته ڪراچي ۾ وري به سنڌين جو تعداد رڳو 7.2 ڄاڻايو ويو. هاڻ ڏسون ٿا ته 1941ع ۾ ڪراچي ۾ اردو آبادي 6.3 سيڪڙو هئي جيڪا 1951ع ۾ 51.4 سيڪڙو ٿي وئي.
1984ع ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي 54.3 سيڪڙو ڄاڻائي وئي ۽ 1998ع ۾ اردو ڳالهائيندڙن جي آبادي گهٽجي 48.5 سيڪڙو هئي. ان وقت سنڌ ۾ اهو اعتراض سامهون آيو ته هنن جي آبادي وڌائي ڄاڻائي وئي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته لساني سياست ۽ دهشت گردي سبب هڪ ته اردو ڳالهائيندڙن جو وڏو تعداد ملڪ مان هليو ويو يا وري پنجاب ڏانهن هليو ويو. جڏهن ته اردو آبادي ۾ برٿ ريٽ به ان طرح جو نه هو جهڙو سنڌين جو هو. جڏهن ته ٻين آبادين ۾ به واڌارو ٿيو هو خاص ڪري، پنجابي، پشتو ۽ سرائيڪي. هاڻ جڏهن 2017ع جي ڳڻپ ڏسجي ٿي ته ان ۾ ڪراچي ۾ اردو ڳالهائيندڙ آبادي وڌيڪ گهٽجي 38.2 سيڪڙو ٿي وئي آهي. جنهن جا مک ڪارڻ هڪ ته لڏ پلاڻ، ٻيو برٿ ريٽ ۽ ٽيون ته سنڌين جي ڪراچي ڏانهن واپسي توڙي ڳڻپ واري عمل ۾ متحرڪ ٿيڻ شامل آهي. ڪجهه ٻهراڙي جا علائقا به شهري ٿيا آھن. جڏهن ته آدمشماري کانسواءِ به سنڌين جو هڪ وڏو انگ تعليم ۽ نوڪرين جي سلسلي ۾ سنڌ جي راڄڌاني ۾ رهيل آھي ۽ ڪيترائي ماڻهو روز جي بنياد تي به اچ وڃ ڪن ٿا، ايئن هي شهر هاڻ وري ورهاڱي کان اڳ جهڙي ڀائيچاري جو گهرجائو آھي جڏهن هڪ کان وڌيڪ ٻوليون ڳالهائيندڙ بنا تعصب جي رهندا هئا.
ڪراچي ۾ پشتو آبادي ٽيون نمبر تي اچي وئي آهي ۽ پنجابي چوٿون نمبر تي هلي وئي آهي جيڪا 1981ع ۽ 1998ع واري آدمشمارين ۾ ڪراچي جي ٻيون نمبر آبادي هئي. هاڻي جڏهن پاڻ عددي طور ڏسنداسين ته ڪراچي جي 2017ع ۾ آدم ڳڻپ هڪ ڪروڙ 60 لک 51 هزار 521 آهي. ان آبادي سنڌين جو انگ 27 لک 60 هزار 862 آهي. اردو آبادي 61 لک 31 هزار 681 ڳڻپ ۾ ڄاڻايل آهي. 1998ع ۾ ڪراچي جي آبادي 98 لک 56 هزار 318 ڄاڻايل هئي جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙن جو انگ 47 لک 80 هزار 314 ڄاڻايو ويو هو ۽ سنڌي رڳو ست لک 96 هزار 655 ڄاڻايا ويا هئا.
جڏهن ته 1951ع واري ڪراچي جي آبادي 10 لک 55 هزار هئي، جنهن ۾ اردو ڳالهائيندڙ پنج لک 42 هزار 270 ڄاڻايل هئا، ان وقت اها راءِ هئي ته سنڌين جو تعداد گهٽ ڄاڻايو ويو آهي. ملڪ جي پهرين آدمشماري ۾ ڪراچي اندر سنڌي هڪ لک 50 هزار 865 ڄاڻايا ويا. آدمشمارين ۾ مقامي آبادين جو تعداد گهٽ ڪرڻ جو سبب سياسي معيشت آهي. ان ڪري ئي آبادي جي صورتحال ابتي ڪرڻ جي ڪوشش ٿيندي رهي آهي.
2017ع جي آدمشماري تڪراري هوندي به سنڌين جي مادري ٻولي ڳالهائڻ جي حوالي سان جيڪي انگ اکر آيا آهن انهن آڌار سنڌي ڳالهائيندڙ 61.60 سيڪڙو ٿي ويا آهن. جڏهن ته ٻيو نمبر تي اردو مادري ٻولي ڳالهائيندڙ سنڌ ۾ رهندڙ 18.20 آهن. سرڪاري انگن اکرن موجب ٽيون نمبر تي 5.45 سيڪڙو پشتو ڳالهائيندڙ ۽ چوٿون نمبر تي پنجابي 5.31 سيڪڙو ڳالهائيندڙ آهن.
سنڌ ۾ رهندڙ ڪيترن ئي بلوچي، سرائيڪي، اردو، پنجابي ڪڇي ۽ ميمڻڪي وغيرهه ڳالهائيندڙن جو انگ گهٽيو آهي ۽ 1998ع ۾ اهي ٻوليون ڳالهائيندڙ انهن علائقن ۾ 2017ع جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايل هئا. سنڌ صوبي جي مجموعي آبادي چار ڪروڙ 78 لک 54 هزار 510 ڳڻي وئي آهي. ان حساب سان سنڌي ڳالهائيندڙ ٻه ڪروڙ 94 لک 87 هزار 378 ڄاڻايا ويا آهن. ٻيو نمبر تي اردو صوبي اندر اردو ڳالهائيندڙ آبادي جو مجموعي انگ 87 لک 95 هزار 520 فردن ٻڌل آهي.
جڏهن ته ٽيون نمبر پهتل پشتو آبادي 26 لک 80 هزار 70 ۽ پنجابي ڳالهائيندڙن جو انگ 25 لک 41 هزار 75 ڄاڻايو ويو آهي. انهن انگن اکرن مان اهو به لڳي رهيو آهي ته سنڌ جي آبادي جو ڪجهه حصو يا ته ڳڻپ کان رهيل آهي يا وري رهائي وئي آهي. ملڪ جون لڳ ڀڳ سڀ آدم ڳڻپون تڪرار جو شڪار رهيون آهن،
خاص ڪري سنڌ ۽ بلوچستان مان وڌيڪ رڙ آئي آهي. ان جو ڪارڻ اهو آهي ته ملڪي ناڻي جي ورڇ جو مک نقطو آبادي جي بنياد تي آهي. ٻيو ته ٻنهي صوبن ۾ سياسي طور مقامي آبادين کي گهٽائي پيش ڪرڻ جو تاثر ان وقت به سامهون اچي ٿو جڏهن اهي آباديون نظر انداز ٿين ٿيون ۽ انهن کي سياسي معيشت توڙي سندن وسيلن کان پري ڇڪيو وڃي ٿو.