لاهور (م ڊ) پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي معاملي تي اينٽي ڪرپشن پنجاب اڳوڻي صوبائي وزير ڊاڪٽر ياسمين راشد کي طلب ڪري ورتو. ذريعن موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد تي پارڪنگ، ڪينٽين ۽ صفائي جي ٺيڪن ۾ رشوت وٺڻ جو الزام آهي. ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي آءِ سي ۽ ايم ايس تي ياسمين راشد کي ڪروڙين رپيا رشوت ڏيڻ ۽ خرچ کڻڻ جو الزام آهي. ذريعن موجب اينٽي ڪرپشن جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر پي آءِ سي ۽ ايم ايس ڊاڪٽر محمد تحسين، اي ايم ايس پرچيز ڊاڪٽر شڪيل کي به طلب ڪيو ۽ اي ايم ايس اسٽور فارميسي ڊاڪٽر مسعود نواز کي به اينٽي ڪرپشن ڊاڪٽر ياسمين سان گڏ طلب ڪيو آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته جوابدارن تي مهانگي اگهن تي سٽنٽس خريد ڪري سرڪاري ناڻي کي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهچائڻ جو الزام آهي. هلندڙ مالي سال پيپر رولز جي ڀڃڪڙي ڪري سٽنٽس جي خريداري ۾ ڳري ڪميشن وٺڻ ۽ باءِ پاس آپريشن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان به مهانگي اگهن تي خريد ڪرڻ جو الزام آهي. ان کان علاوه انتظاميه تي دل جي بيٽرين سميت پي آءِ سي جي اسٽورز مان ڪروڙين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪرائڻ جو به الزام آهي.