رحيم يار خان ۾ پوليس جي ڪارروائي ”جعلي نيب آفيسر“ گرفتار

0
143

رحيم يارخان ۾ پوليس

رائونتي (ن پ ا) رحيم يار خان ۾ ڳجهي اطلاع تي پوليس ڪارروائي ڪري “جعلي نيب آفيسر” کي  گرفتار ڪري ورتو، جوابدار سنڌ م جعلي ڊي ايس پي به رهي چڪو آهي پوليس چيو آهي ته جوابدار پهنجو پاڻ کي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر نيب ٻڌائي سرڪاري آفيسرن، واپارين کي بليڪ ميل ڪري پئسا وٺندو هو

پوليس موجب رحيم يار خان جي سٽي ٿاڻي جي پوليس مدينه ڪالوني ۾ خفيه اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪيو، جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ گهربل آهي

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار سنڌ پوليس جو جعلي ڊي ايس پي به رهي چڪو آهي، جوابدار کان نيب جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جو جعلي سروس ڪارڊ، هٿيار ۽ ڪار برآمد ٿي آهي، جوابدار مٿان جعلي نيب آفيسر ٿيڻ جو ڪيس داخل ڪري ڪاروائي شروع ڪري ڇڏي آهي