عورت مڙس کان خراب ڪپڙا ڪمري ۾ ڇڏڻ تان طلاق وٺي ڇڏي

0
572
عورت مڙس کان خراب

نئين دهلي(دلچسپ نيوز) واش بيسن يعني سنڪ ۾ مسلسل خراب ٿانوَ ڇڏڻ تي ميرا ڪپڙا نه ڌوئڻ تي زال مڙس کان طلاق وٺي ڇڏي. ڊيلي ميل جي هڪ رپورٽ موجب ميٿيو جي گهر واري مڙس پاران خراب گلاس ۽ ٿانو شينڪ ۾ ڇڏڻ سان گڏوگڏ ميرا ڪپڙا ڪمري ۾ اڇلائڻ جي عادت جي مخالف هئي، گهر واري کان عليحدگي کانپوءِ مڙس کي پنهنجي غلطي جو احساس ٿي ويو

رپورٽ موبج جوڙي کي 4 سالن جو پٽ به آهي ۽ هن جي شادي کي 12 سال ٿيا آهن پر عليحدگي کان پوءِ عورت پٽ کي گڏ وٺي وئي آهي. گهر واري جي عليحدگي بابت مڙس ميٿيو لکت ۾ پنهنجي غلطي جو اعتراف ڪندي چيو ته مان خراب ڪيل گلاس ۽ پليٽون سنڪ تي ڇڏي ڏيندو هيس، ان سان گڏ ڪيترائي ڀيرا ايئن به ٿيو ته هن پنهنجا خراب ڪپڙا به فرنيچر ۽ فرش تي ئي ڇڏي ڏنا جنهن سبب گهر واري طلاق وٺي ڇڏي. ميٿيو موجب هن کي پنهنجي غلطي جو احساس آهي ڇو ته هن پنهنجي گهر واري جي جذبات جو قدر نه ڪيو