رتوديرو: نوجوان گھريلو پريشانين ۽ بيروزگاري سبب مبينا خودڪشي ڪري ڇڏي

0
175

رتوديرو(ن پ ا) شھر جي ڳتيل آبادي واري علائقي ڊاڪ تلاء محلي جي رھواسي 18 ورھين جي نوجوان مصور علي ولد عاشق دايو بيروزگاري ۽ گھريلو پريشانين کان تنگ ٿي رات ديرسان جوئا مار دوا کائي ڇڏي جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال آندو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.