راکي پاران عامر خان کي شادي جي آڇ

0
467

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ سپر اسٽار عامر خان ۽ فلمساز ڪرن رائو جي طلاق تي ڀارتي فلم انڊسٽري جي تڪراري اداڪارا راکي ساونت بھ پنھنجي رد عمل جو اظھار ڪيو آھي، ڀارتي ميڊيا کي انٽرويو ڏيندي راکي ساونت عامر خان ۽ ڪرن رائو جي طلاق تي شديد حيراني ۽ ڏک جو اظھار ڪيو ۽ ٻڌايو تھ ھُن کي ان بابت خبر نھ ھئي، ھتي منھنجو گھر نھ پيو ٺھي ۽ ماڻھن جون طلاقون ٿي رھيون آھن، راکي ساونت دعويٰ ڪندي چيو تھ 15 سال اڳ مون عامر جي جو انٽرويوڪيو ھو ۽ چيو ھو تھ اوھان پنھنجي زال رينا دتا کي ڇڏي ڪرن جي سان شادي ڪئي مون کي سٺو نھ لڳو، ڇا ھُن منھنجي ڳالھين کي سنجيدا ورتو، اداڪارا عامر خان کي درخواست ڪندي چيو تھ عامر جي اوھان پنھنجي زال کي نھ ڇڏيو، ان کانپوءِ راکي عامر خان کي شادي جي پيشڪش ڪندي چيو تھ عامر جي مان ڪنواري آھيان، اوھان منھنجي باري ۾ ڇا سوچيو ٿا؟