حيدرآباد: ڄامشوري جو ڊي ايڇ او ويڪسين جي ڪوريج ۾ ناڪام

0
396

حيدرآباد: ڄامشوري جو ڊي ايڇ او غلام مرتضيٰ کوسو ويڪسين جي ڪوريج ۾ ناڪام ٿي ويو، هو صحت کاتي کي نيشنل انسيڊنٽ مئنجمينٽ سسٽم جي ڊيٽا به ڏئي نه سگهيو، ان کان علاوه مٿس پي پي ايڇ آءِ سان عدم سهڪار جي الزامن تحت شوڪاز نوٽيس پڻ جاري
ڪيو ويو آهي، نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته توهان انتهائي سنگين نموني فرضن جي ادائگي ۾ ناڪام ويا آهيو.ٽن ڏينهن ۾ پنهنجي پوزيشن واضح نه ڪرڻ جي صورت ۾ ڪارروائي جو چتاءُ ڏنو ويو آهي.