هالا: سڳي پيءُ، ڀائرن سان گڏجي ڌيءَ کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو، رپورٽ داخل

0
700

هالا: هالا پراڻا ۾ 13 سالا معصوم نياڻي سان جنسي ڏاڍائي جو سنگين الزام سامهون آيو آهي، جنهن ۾ نينگري جي مامي پوليس وٽ رپورٽ جمع ڪرائيندي ڄاڻايو آهي ته غلام قادر ملڪ پنهنجي ٻن ڀائرن رشيد ۽ بهادر ملڪ سان گڏ پنهنجي ڌي کي ڏاڍائي جو نشانو بڻايو.هالا پراڻا پوليس متاثره نينگري کي ميڊيڪل ليٽر ڏيندي کيس تعلقه اسپتال هالا روانو ڪري ڇڏيو. پوليس جو چوڻ هو ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سندن گهرن تي ڇاپا هنيا پر جوابدار گهرن کي تالا هڻي فرار ٿي ويا آهن. ليڊي ڊاڪٽر غلام سڪينه ميمڻ ۽ ڊاڪٽر طاهره ميمڻ چيو ته نينگري سان زيادتي ٿيڻ جون علامتون مليون آهن، وڌيڪ ٽيسٽن لاءِ حيدرآباد اسپتال روانو ڪيو ويو آهي. فريادي جي مامي غلام رسول ملڪ ٽائيم نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته ساڻن انصاف نه ٿيو ۽ جوابدار گرفتار نه ٿيا ته احتجاج ڪنداسين.