مٽياري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ ۽ ڀيڻ گوليون هڻي قتل

0
234

مٽياري (ن پ ا) مٽياري ڀرسان سڱاوتي تڪرار تان ڀاءُ ۽ ڀيڻ کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو آهي، اوڏيرولال اسٽيشن ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ سليمان فقير باريجو ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن فائرنگ ڪري ارباب علي باريجو ۽ سندس ڀيڻ مسمات حرمت کي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جو چوڻ آهي ته قتل ٿي ويل حرمت جو رشتو ٻئي هنڌ طئي ٿيل هيو، جنهن جي هفتي بعد شادي پڻ رٿيل هئي، جڏهن ته عورت جو رشتو ٻئي ڌر وارا پڻ گهري رهيا هئا جن کي انڪار ڪيو ويو هو، شڪ آهي ته انهن ئي ٻنهي ڄڻن کي قتل ڪيو آهي، پوليس مقتولن جا لاش اسپتال منتقل ڪري ڇڏيا ۽ ٻن هنڌن تي ڇاپا هڻي شڪ جي بنياد تي 5 ماڻهن کي حراست ۾ وٺي پڇا ڳاڇا شروع ڪري ڏني آهي.