دڙو: ڪنڀار محلي واسي نينگري 9 ڏينهن کان لاپتا، اغوا، قتل جو شڪ

0
259

دڙو (ن پ ا) شهر جي وارڊ 2 ڪنڀار محلي مان 12 سالا نياڻي سوهانا ڪنڀار 9 ڏينهن کان پر اسرار نموني گم آهي جنهن جي وارثن پاران اغوا ۽ قتل جو شڪ ظاهر ڪندي دڙو پوليس خلاف احتجاج ڪيو ويو، نينگري جي وارثن جو چوڻ آهي ته دڙو پوليس ملوث جوابدارن کان پئسا وٺي کين بچائي رهي آهي، نينگري جي وڏي ڀيڻ ريشمان اڀ ڏاريئندڙ دانهون ڪندي چيو ته منهنجي ڀيڻ ڪهڙي حال ۾ آهي ڪٿي آهي ان کي اغوا ڪري قتل ته نه ڪيو ويو اسان کي شڪ آهي ته منهنجي ڀيڻ کي ماريو ويو آهي.