مٽياري: عدالتي حڪم باوجود انتظاميه آر او پلانٽ هلائڻ ۾ ناڪام

0
286

مٽياري(ن پ ا) انتظاميا عدالتي حڪم باوجودهه گئس اينڊ رائلٽي جي پئسن مان تيار ٿيل تعلقي جا 43 کان مٿي آر او پلانٽ اسٽارٽ ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي،ان سلسلي ۾ اڳوڻي گهرو وزير ۽ پيپلزپارٽي ايم پي اي مٽياري ڊاڪٽر مخدوم رفيق زمان پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي جي عملدارن کي عوام کي صاف پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ضلعي جي 43 آر او پلانٽ جي رٿائن کي فوري طور مڪمل ڪرڻ جون ھدايت ڪري ڇڏيو، هن جو چوڻ آهي ته عوامي ڀلائيءَ جي ترقياتي منصوبن ۾ دير ڪنهن به صورت برداشت نه ڪئي ويندي، مخدوم رفيق زمان مٽياري شهر ۾ پاڻيءَ جي کوٽ بابت عوامي شڪايتن جو نوٽيس وٺندي ضلعي جي لاڳاپيل عملدارن کي شھرين کي پاڻيءَ جي فراهمي يقيني بڻائڻ جون ھدايتون پڻ ڏنيون، جنهن کانپوءِ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضي علي شاهه اسسٽنٽ ڪمشنر مٽياري عبدالمجيد زھراڻي کي پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ ۽ ٽائون ڪميٽي عملدارن جي ھنگامي گڏجاڻي ڪوٺائي پاڻي جو مسئلو فوري طور حل ڪرڻ تي غور ويچار ڪيو.