پشاور (م ڊ) دهشتگردي جي تازي لهر بابت وزيراعظم جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس، دهشتگردن جي سهولتڪاري جا ذريعا ختم ڪرڻ، وفاق ۽ صوبن ۾ هڪ سوچ، هڪپاليسي اپنائڻ تي اتفاق، نيڪٽا، سي ٽي ڊي ۽ پوليس کي اپگريڊيشن ڪرڻ جو فيصلو، اپيڪس ڪاميٽي موجب قومي اتفاق راءِ سان ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو، گڏيل هدف حاصل ڪرڻ لاءِ قانونسازي به ڪئي ويندي. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايپڪس ڪاميٽي جو اهم اجلاس ٿيو،اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ، چئيني صوبن جي وڏن وزيرن، وفاقي وزيرن سميت آزاد ڪشيمير جي وزيراعظم ۽ وڏي وزير به شرڪت ڪئي، جڏهن ته تحريڪ انصاف غيرحاضر رهي، ڪنهن به نمائندي شرڪت نه ڪئي، ايپڪس ڪاميٽي اجلاس ۾ دهشتگردي جي تازي لهر تي 5 ڪلاڪ غور ويچار ڪيو ويو، پشاور ڌماڪي تي بريفنگ ڏني وئي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ پوليس لائنز مسجد ۾ آپگهاتي حملي ۽ پوءِ جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، بريفنگ ڏني وئي ته حملو ڪندڙ جي اچڻ جي وڊيوز ذريعي نشاندهي ڪئي وئي آهي. ڪاميٽي خاطري ڪرائي ته متاثر خاندانن جي پيارن جو رت ضايع ٿيڻ نه ڏنو ويندو. ايپڪس ڪاميٽي چيو ته پاڪستانين جو رت وهائيندڙ دهشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائينداسين، دهشتگردي جي خاتمي لاءِ رياست جي سڀني ادارن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل قومي هدف حاصل ڪرڻ جي جذبي سان ڪم ڪرڻو پوندو، گڏيل هدف حاصل ڪرڻ جي ضرورت موجب قانونسازي ڪئي ويندي. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ ملڪ اندر دهشتگردن جي مدد ڪندڙ سمورا ذريعا ختم ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته دهشتگردي جي قسم ۽ هر شڪل لاءِ زيرو ٽالرنس جو رويو رکيو ويندو. اجلاس ۾ بارڊر مئنيجمينٽ ڪنٽرول ۽ اميگريشن جي نظام جي حوالي سان جائزو ورتو ويو، دهشتگردن خلاف جاچ، پراسيڪيوشن ۽ سزا ڏيارڻ جي مرحلن تي به غور ڪيو ويو، دهشتگردن جي خاتمي لاءِ وفاق ۽ صوبن وچ ۾ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻ تي اتفاق ڪيو ويو. پڌرائيءَ موجب قومي اتفاق راءِ سان ايپڪس ڪاميٽي جي فيصلن تي عملدرآمد يقيني بڻايو ويندو. اجلاس ۾ وزيراعظم اي پي سي گهرائڻ جي فيصلي کي ساراهيو ويو، ڪاميٽي چيو اميد آهي سموري سياسي قيادت دهشتگردي جي خاتمي لاءِ هڪ ميز تي وهندي، اميد آهي ته سياسي قيادت قومي اتفاق راءِ ذريعي قدمن جو فيصلو ڪندي. پڌرائي موجب اجلاس ۾ نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد جو جائزو ورتو ويو ۽ موجوده حالتن مطابق ان ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي حوالي سان تجويزن جو جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ نيڪٽا، سي ٽي ڊي ۽ پوليس جي اپگريڊيشن، تربيت، هٿيارن، ٽيڪنالاجي ۽ ٻئي ضروري سامان جي فراهمي جي حوالي سان تجويزن جي اصولي منظوري ڏني. ايپڪس ڪاميٽي جي پڌرائي موجب فيصلو ڪيو ويو آهي ته ڪي پي ڪي ۾ فوري طور تي سي ٽي ڊي هيڊڪوارٽر تعمير ۽ پنجاب صوبي جي طرز تي ڪي پي ڪي ۾ فارنزڪ ليب قائم ڪئي ويندي، ڪي پي ڪي ۾ اسلام آباد ۽ لاهور جهڙو سيف سٽي منصوبو به شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته پوليس، سي ٽي ڊي جي تربيت ڪري صلاحيتن ۾ اضافو ڪيو ويندو، جديد هٿيار ۽ سامان فراهم ڪيو ويندو. پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته عالم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ منبر ۽ محراب جو فورم استعمال ڪن، عالم عوام کي آگاهه ڪن ته اهڙا حملا حرام ۽ قرآن ۽ سنت جي خلاف آهن، عالم عوام کي آگاهه ڪن ته بي ڏوهن جو رت وهائيندڙن جو اسلام سان ڪو واسطو ناهي.

پشاور (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پشاور ڌماڪي جي شهيدن جي وارثن لاءِ 20-20 لک ۽ زخمين لاءِ 5-5 لک امداد جو اعلان ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي بهتري لاءِ وفاق، صوبا ۽ مذهبي توڙي سياسي پارٽيون گڏجي دهشتگردي جي مقابلو ڪن، پشاور پوليس لائنز ۾ ٿيل آپگهاتي ڌماڪي تي وزيراعظم جي صدارت هيٺ گورنر هائوس پشاور ۾ ايپڪس ڪاميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آرمي چيف، چئني صوبن ۽ گلگت بلتستان جي وڏن، وزيرن، وزيراعظم آزاد ڪشمير کان علاوه وفاقي وزير ۽ قومي سياسي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف طرفان ڪوبه نمائندو شريڪ نه ٿيو. وزيراعظم شرڪت ڪندڙن جو ٿورو ادا ڪندي چيو ته اجلاس گهرائڻ جو مقصد 30 جنوري تي ٿيل پشاور ڌماڪي جي متاثرين ۽ وارثن سان همدردي جو اظهار ڪرڻ آهي. هن چيو ته پشاور ڌماڪي ۾ حملو ڪندڙ چيڪ پوسٽ مان گذري مسجد ۾ داخل ٿيو، سموري قوم پشاور ڌماڪي تي ڏکويل آهي. قوم سوال ڪري رهي آهي ته دهشتگردي جي خاتمي کانپوءِ اهو واقعو ڪيئن ٿيو؟ شهباز شريف چيو ته پشاور واقعي کانپوءِ تنقيد ۽ الزامن جي مذمت ڪريون ٿا. الزام ۽ تنقيد مناسب نه آهن. دهشتگردي کي روڪڻ لاءِ کنيل قدم وقت جي اهم ضرورت آهي. قوم دهشتگردي جهڙي ناسور کي منهن ڏيڻ جي طريقي تي سوچي رهي آهي. اهو چوڻ ته پشاور واقعو ڊرون حملي سبب ٿيو اهو نامناسب آهي. پشاور واقعي جي جاچ ٿيڻ گهرجي ته ڪمزوريون ڪٿي هيون. هن چيو ته دهشتگردي جي واقعي کانپوءِ هر ڀيري اهو مهڻو ڏنو ويندو آهي ته وفاق ساٿ نه پيو ڏئي. 2010 کان هينئر تائين خيبرپختونخواهه حڪومت کي 417 ارب رپيا ڏنا ويا آهن. دهشتگردي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، ڪنهن تي به تنقيد نه پيو ڪريان. اڄ اسان کي حق جي ڳالهه ڪرڻي پوندي. اسان جو سوال آهي ته خيبرپختونخواهه حڪومت کي ڏنل اهي 417 ارب رپيا ڪيڏانهن ويا؟ اسان کي ملڪ جي صورتحال دوران سمورا اختلاف وساري گڏ ٿيڻ گهرجي، دهشتگردن جو نه ڪو دين آهي نه ئي وري ايمان. اڳوڻي حڪومت تي تنقيد ڪندي وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه کي ڏنل 417 ارب رپين مان هڪ چوٿائي به خرچ ٿئي ها ته اهڙيون حالتون نه هجن ها، جيڪي مون سان هٿ به نٿا ملائڻ چاهين انهن کي به مون اي پي سي ۾ دعوت ڏني آهي، اڄ ٻيهر اتفاق ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي ان کان سواءِ ڪاميابي نه ملندي. اسان کي اختلاف وساري ملي قوم کي گڏ ڪرڻو پوندو ۽ اڳيان وڌڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ملڪ جي تقدير بهتر ڪرڻ لاءِ اوهان پنهنجن سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار ناهيو. آل پارٽيز ڪانفرنس جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي گهرايو ويو آهي. مون کي ڪجهه وقت اڳ ڪنهن چيو هو ته خيبرپختونخواهه جو خيال رکو، هتي ڀتا ورتا پيا وڃن، اسان ملي مقابلو ڪرڻ کانپوءِ ئي دهشتگردي کي شڪست ڏينداسين.