دهشتگردن جي علاج وارو ڪيس: قادر پٽيل، رئوف صديقي ۽ رينجرز جو فريادي عدالت ۾ غير حاضر

0
88

ڪراچيءَ جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ضياءَ الدين اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج واري ڪيس جي ٻڌڻي دوران ، شريڪ جوابدار وفاقي وزير قادر پٽيل، رئوف صديقي ۽ رينجرز جو فريادي عملدار پيش نه ٿي سگهيا

عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 3 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي، سنڌ جي گهرو کاتي پاران ڪيس واپس وٺڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي وئي هئي

سنڌ حڪومت درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين خلاف ڪي به شاهديون نه مليون آهن

گهرو کاتي موجب جاچ آفيسر شروعاتي جاچ دوران ئي ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو هو

2015 ۾ رينجرز جي فرياد تي ڊاڪٽر عاصم، قادر پٽيل ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو هو