دبئي(دلچسپ نيوز) دبئي ۾ دنيا جو سڀ کان اوچو هوٽل کولڻ جي تياري مڪمل ٿي وئي. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب اماراتي عملدارن هڪ ڀيرو وري دنيا کي حيرت ۾ وجهي ڇڏيو آهي، برج العرب ۽ برج خليفه کانپوءِ شيخ محمد بن راشد المڪتوم پاران دبئي ۾ دنيا جو اوچو هوٽل کولڻ لاءِ ڪم هلندڙ آهي. جنهن جو افتتاح جلد ڪيو ويندو. سيئل نالي هوٽل جي اوچائي 82 ماڙ ۽ پکيڙ 360 ميٽر هوندي جڏهن ته هوٽل ۾ 2109 ڪمرا هوندا، تعميراتي شعبي ۾ 30 سال وقف ڪندڙ ماهر انجنيئر يحييٰ خان سيئل هوٽل جو ڊزائن تيارڪيو آهي، حيرت ۾ وجهندڙ ڳالهه اها آهي ته سيئل هوٽل جي ڇت تي هڪ وڏو سوئمنگ پول تيارڪيو ويندو. جيڪو ڪڪرن ۾ ڍڪيل رهندو ان کان علاوا هوٽل مان دبئي، مرينه، پام جميراح ۽ خليج عربي جا خوبصورت نظارا ڏسي سگهبا.