لنڊن (دلچسپ نيوز) ايپل ايئر ٽيگز نالي هڪ اهڙي ڊيوائس تيار ڪري ورتي آهي جنهن جي مدد سان اوهان پنهنجي گم ٿيل شيءَ کي ڳولي سگهندو.پرڏيهي خبرون ڏيندڙ ايجنسي موجب ايپل ايئر ٽيگز جو افتتاح ڪيو ويو آهي ۽ هاڻ اوهان پنهنجي ڪابه گم ٿيل شيءَ(فائنڊ مائي) ايپ جي مدد سان ڳولي سگهندو. ان ايئر ٽيگز کي اوهان پنهنجي چاٻين، پرس ۽ ٻين شين سان جوڙيندو ان کان پوءِ جيئن ئي اوهان پنهنجي شين کان پري ٿيندو ته اوهان کي ايپ جي ذريعي نوٽيفڪيشن اچي ويندو.هي هڪ ننڍي ڊيوائس آهي جيڪا اوهان جي آءِ فون يا آءِ پيڊ سان جڙيل رهندي هي ڊيوائس انسانن جي ڳولا جي لاءِ ڪارآمد نه آهي ۽ نه ئي ان سان ڪنهن جي پرائيويسي متاثر ٿيندي پر هي ڊيوائس بي جان شين جي ڳولا لاءِ آهي.هن هڪ ڊيوائس جي قيمت 29 ڊالر رکي وئي آهي پر چئن ڊيوانس جي قيمت 99 ڊالر آهي. هن ڊوائس جي ايڊوانس بڪنگ جمعي کان شروع ٿي ويندي ۽ 30 اپريل کان هن ڊيوائس جي فراهمي شروع ڪئي ويندي. ايپل جي نئين ڊيوائس ماڻهن ۾ دلچسپي پيدا ڪري ڇڏي، ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته نئين ڊيوائس اچڻ کانپوءِ کين گم ٿيل شيون ڳولڻ ۾ آساني پيدا ٿيندي.