داد لغاري (ن پ ا) داد لغاري ويجهو اڍائي مھينا اڳ پراسرار نموني گم ٿيل نوجوان حافظ نزاڪت ملاڻو گھر پھچي ويو. ان سلسلي ۾ نوجوان صحافين کي  ٻڌايو ته هو ڳوٽ ڇَتي ڪوٽ جي ديني مدرسي پڙهائيندو هئس. داد لغاري ۾ هڪ نامعلوم شخص مدرسي ۾ پڙھائڻ لاءِ وٺي ويو. ٻارڙن کي پگھار تي سبق ڏيڻ لاءِ چيو ويو، ٻن مھينن کان پگھار نه ملڻ ڪري وجھه وٺي گھر پھتو آھيان. نوجوان پاران اھڙو بيان داد لغاري ٿاڻي تي پڻ رڪارڊ ڪرايو ويو، نوجوان جي گم ٿيڻ بعد علائقي ۾ سندس اغوا ٿي وڃڻ جا چؤٻول ھلندڙ ھئا.