دادو: 8 مهينا اڳ مبينا اغوا ڄاڻايل ناري بازياب، ڀاءُ حوالي

0
165
دادو: 8 مهينا اڳ

دادو (ن پ ا) سيشن جج دادو جي حڪم تي 8 مهينا اڳ مبينا طور اغوا ڄاڻايل ريما نوناري کي ميهڙ پوليس بازياب ڪرائي عدالت ۾ پيش ڪري ڇڏيو

ريما نوناري ۾ عدالت بيان ڏيندي چيو آهي ته مون کي 8 مهينا اڳ زبردستي زوهيب ٺوڙهو اغوا ڪري ناحق بند ڪري جبر زنا ڪندو رهيو ۽ هاڻي 5 مهينن جي حمل سان آهيان

ريما چيو ته منهنجي اختر نوناري سان شادي ٿيل آهي جنهن مان نويده ۽ آذان اولاد آهي، جوابدار ذوهيب چيو ته ريما مون سان گهران نڪري پسند جو پرڻو ڪيو، جنهن تي ريما چيو ته ذوهيب زبردستي اغوا ڪري 8 مهينا ناحق بند رکيو، ذوهيب سان نڪاح ناهي ٿيو

ناري جي بيان بعد فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج دادو ريما کي سندس ڀاءُ واجد حوالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو

واضح رهي ته ريما جي ڀاءُ واجد ڀيڻ جي اغوا واقعي خلاف لاڙڪاڻو هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشن داخل ڪرائي هئي، هاءِ ڪورٽ پٽيشن سيشن جج دادو ڏانهن منتقل ڪئي هئي، عدالتي حڪم تي ميهڙ پوليس ريما کي پيش نه ڪرڻ تي سيشن جج دادو ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي دادو کي ليٽر موڪلي ريما کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو