ايون فيلڊ ريفرنس: نيب مريم نواز جي بريت جي درخواستن خلاف اپيل داخل ڪرائي ڇڏي

0
248
ايون فيلڊ ريفرنس: نيب

ڪراچي ( ڊيسڪ رپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) ايون فيلڊ ريفرنس ۾ مريم نواز جي بريت ۽ فيصلي خلاف اپيلن کي رد ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي

قومي احتساب بيورو (نيب) مريم نواز جي بريت واري درخواست رد ڪرڻ لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪري ڇڏي آهي

نيب مريم نواز تي مثالي ڏنڊ لڳائڻ جي درخواست ڪندي موقف اختيار ڪيو ته مريم نواز جي بريت جي درخواست ۾ بيان ڪيل حقيقتون درست ناهن، بريت واري درخواست ۾ الزامن تي سپريم ڪورٽ فيصلو ڏئي چڪي آهي، جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ ۾ ايون فيلڊ ريفرنس جو صاف ۽ شفاف ٽرائل ٿيو ۽ احتساب عدالت ايون فيلڊ ريفرنس ۾ قانون موجب سزا ٻڌائي

نيب، ڪي پي جي صوبائي وزير تيمور

نيب طرفان چيو ويو آهي ته مريم نواز جو پيءُ نواز شريف، ڀاءُ حسن ۽ حسين نواز عدالتي روپوش آهن، جوابدارن لنڊن فليٽس جي مني ٽريل نه ڏني، جڏهن ته نواز شريف ٻڌائي ته لنڊن ۾ ملڪيتون ڪيئن خريد ڪيون ۽ پيسا ڪيئن منتقل ڪيا؟

نيب موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ فيصلي تي عملدرآمد لاءِ نگران جج مقرر ڪيو آهي، ان ڪري مريم نواز جي درخواست عدالت سان فراڊ جي مترادف آهي، سندس نگران جج تي لڳايل الزام توهين عدالت جي زمري ۾ اچن ٿا

ھي به پڙھندا

حڪومت نواز شريف کي نقصان نٿي پهچائي سگهي، بابا جي واپسي بابت پارٽي طئه ڪندي: مريم نواز