دادو (رپورٽر ) دادو ۾ زال جي ڪاوڙجي وڃڻ تي 18 سالن جي نوجوان رام پٽ سيتا رام باگڙي ڪاوڙ ۾ اچي زندگي جو انت آڻڻ لاء زهريلي دوا پي ڇڏي جنهن کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو جتي کيس واش ڪري هوش ۾ آندو ويو آهي ، رام جو چوڻ آهي ته زال پونم ناراض ٿي 6 مهينن جي نياڻي گنگا سميت گهر ڇڏي مائٽن ڏي هلي وئي آهي زال ۽ ڌيء کان سواء زندگي ڪهڙي ڪم جي ان ڪري زهريلي دوا پيتي آهي