جڪارتا (م ڊ) انڊونيشيا جي آبدوز گم ٿي وئي آهي، نيوي وارن جو چوڻ آهي ته آبدوز تي 53 ماڻهو سوار هئا، ڳولا لاءِ آسٽريليا ۽ سنگاپور کان به مدد طلب ڪئي وئي آهي. 44 سال پراڻي جرمني ۾ ٺهيل آبدوز ڪي آر آءِ نگالا 402 بالي ٻيٽ ويجهو مشقون ڪري رهي هئي ته گم ٿي وئي. هوائي جاچ دوران آبدوز جي ٽٻي هڻڻ واري جاءِ تي تيل نظر آيو آهي. ڳولا جاري آهي.