دادو (رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ ناڙيوال لنڊ واسي فائرنگ ۾ معذور ٿيل امير علي لنڊ دادو پريس ڪلب ۾ صحافين جي آڏو سخت احتجاج ڪندي دانهيو آهي اسان جي ۽ رجب سومرو وارن جي زرعي زمين گڏ آهي زمين جي تڪرار تان فائرنگ ڪري کيس زخمي ڪيو ويو جنهن سبب سندس ڄنگهه ڪٽي وئي، زمين جي معاملي جو مير تيمور خان پنهور وٽ فيصلو ٿيو جنهن رجب سومرو وارن جو طئي ڪيو ته جيڪڏهن هنن زمين وڪرو ڪئي ته اسان کي ڏيندا پر رجب سومرو وارن اها زمين بااثر ڌر کي وڪرو ڪري ڏني جنهن سبب ٻيهر جهيڙي جا امڪان آهن ۽ سندس زندگي خطري ۾ آهي، هن وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي کيس تحفظ ڏنو وڃي ۽ زرعي زمين اسان کي ڏياري انصاف ڪيو وڃي.