ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور ٿاڻي جي حد ڳوٺ بخش مزاري ۾ ڪارنهن الزام هيٺ جوابدار دلي جان مزاري پنهنجي گهرواري مسمات بخت مزاري کي مٿي ۾ پسٽل جون گوليون هڻي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويو. عورت جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪشمور آندو ويو، جتي ڊاڪٽرياڻي نه هئڻ سبب عورت جو لاش چار ڪلاڪ پيل رهيو، ايم ايس مير حسن ڪولاچي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته ليڊي ڊاڪٽر پرينڪا ڪماري کي پوسٽ مارٽم ڪرڻ لاءِ فون ڪيا آهن پر نه ٿي اچي، مڊوائيف ياسمين کان پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو. ٻئي پاسي ڪشمور پوليس جوابدار مٿان قتل جي ايف آءِ آر داخل ڪري ڇڏي جوابدار جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي آهي.