دادو ( رپورٽر ) دادو ڀرسان ڳوٺ محمد علي بڙدي ڀرسان دادو ڦلجي اسٽيشن لنڪ روڊ تي موٽر سائيڪل سوار 3 هٿيار بند ڦورن پاران واپاري مصري گوپانگ کي هٿيارن جي زور تي موٽر سائيڪل ڦر ڪرڻ دوران مزاحمت ڪرڻ تي هٿياربندن ڦورن پسٽل جون گوليون هڻي واپاري مصري گوپانگ کي زخمي ڪري کائنس سي ڊي موٽر سائيڪل ۽ 55 هزار روڪ ڦر ڪري ڀڄي ويا، زخمي واپاري کي دادو اسپتال جي ايمرجنسي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي ، ڊيوٽي ڊاڪٽر موجب واپاري ڄنگھ ۾ گوليون لڳل آهن.